تورڪي ڀِٽ

تورڪي ڀِٽ:ھي قديم ماڳ ميرڻ خان رند جي ڳوٺ جي ڀرسان ديهه اين- 21، تعلقي نواب شاهه، ضلعي بينظير آباد (نواب شاهه) ۾ واقع آھي.
ھن ماڳ جي چوڌاري ھي ڳوٺ آھن:
اتر ۾ 7 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي محمد شاھاڻي ڳوٺ، اتر ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي گاھي خان جو ڳوٺ، اوڀر ۾ ٽن ڪلو ميٽرن تي چراگاهه ڀٽي. جڏھن ته نواب شاهه شھر هتان کان 23 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾ آھي.
ھي ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ'' 26023'15 ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 68025'32'' ڊگرين تي موجود آھي. دڙي جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه 500 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ ويڪر 200 ميٽر اوڀر اولهه ٿيندي. ھي دڙو مستطيل شڪل ۾ واريءَ جي ڀٽن جي صورت ۾ موجود آھي. مٿاڇري تان ڪا خاص وٿ ڪانه ٿي ملي. سڄي دڙي تي رڳو ڳاڙھو ٺڪراٺو ملي ٿو. مليل وَٿن ۾ ڀڳل ٿانون جا ترا، ڪنا وغيره آھن. ٺڪر سٺو پڪل ۽ چڪ تي لٿل آھي، رنگ ڪجسو ڳاڙھو (Dull Red) پر پيلي رنگ جو ٺڪراٺو به عام جام آھي. ٺڪر چٽيل آھي، جنھن تي پور وڇوٽ ليڪون ڪاري رنگ جون نڪتل آھن، پن جو چٽ، سڌا ٽٻڪا، ۽ چوڪنڊا نڪتل آھن. سڄي ٺپيل ٺڪر تي سج جا چٽ ۽ گولڙا پاتل آھن، جڏھن ته پيلي رنگ جي ٺڪر تي کرچ جا نشان آھن. ڪٿي به ڳاڙھو ڌاءُ نه مليو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو